ڊاڪٽر زرينه قاضي

ڊاڪٽر زرينه قاضي

زرينه قاضي ڊاڪٽر

زرينه قاضي، ڊاڪٽر: ليکڪه ۽ تعليمدان ڊاڪٽر زرينه قاضيءَ، پهرين ڊسمبر 1965ع تي پني عاقل ۾ عبدالستار قاضيءَ جي گهر جنم ورتو. پرائمري ۽ ثانوي تعليم کانپوءِ انٽرميڊئيٽ 1984ع ۾ ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪرڻ بعد 1989ع ۾ پهريان اسلامڪ هسٽري ۽ پوءِ 2008ع ۾ ايم. اي (انگريزي) شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. وٽس شهادت العالميه جي سنَد پڻ آهي، جيڪا وفاق المدارس ملتان مان 2005ع ۾ حاصل ڪيائين.
زرينه قاضيءَ 2013ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان نامياري اسڪالر ڊاڪٽر صلاح الدين ثانيءَ جي نگرانيءَ هيٺ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. سندس تحقيقي مقالي جو عنوان ‘عورتن جا مالي حق: سنڌ ۾ رائج مذهبن ۽ رسمن جي تناظر ۾’ آهي. ان موضوع تي هن ڪافي مطالعو ۽ تحقيق ڪري ڊاڪٽريٽ جي سنَد ورتي. ڊاڪٽر زرينه جا مقالا ۽ مضمون مختلف رسالن ۽ تحقيقي جرنلن ۾ شايع ٿي چڪا آهن.
زرينه قاضي هن وقت تعلقه ايجوڪيشنل آفيسر پني عاقل طور خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. هُن استاد جي حيثيت سان ڪيريئر جو آغاز 1983ع کان پرائمري ٽيچر طور ڪيو. 1990ع ۾ ايڇ. ايس. ٽي ۽ 2013ع ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مقرر ٿي. هن مختلف قومي توڙي بين الاقوامي سطح جي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪئي آهي. پاڻ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ ۾ ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي سپروائيزر طور پڻ مقرر ٿيل آهي. هن جو ڪتاب ‘عورت جا حق قرآن ۽ سيرت طيبه جي روشنيءَ ۾’، مڪتبه يادگار علامه شبير احمد عثماني اداري طرفان 2008ع ۾ شايع ٿيو. سندس ٻيو ڪتاب ‘عورتن جا مالي حق’ ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.12.01  عيسوي

ليکڪه ۽ تعليمدان ڊاڪٽر زرينه قاضيءَ، پهرين ڊسمبر 1965ع تي پني عاقل ۾ عبدالستار قاضيءَ جي گهر جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه وسائو
درويش عيسيٰ دشتي
سوڍوف سي ٿامس
حبيب الله صديقي ڊاڪٽر
احمد مجتبيٰ غالب
آسودارام سَنت
شاهه عبداللطيف صوفي ٺٽوي
بابا حاجي ميرمحمد
خان عبدالغفار خان
زبيده قادري آپا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون